اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب بلوچست??ن جي علائقي ڪيچ ۾ سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪئي آهي. هن پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته باق?? بچيل چند دهشتگردن جون اهي ب??دل??ڻيون ڪارروايون آهن، کين ڪٿي به لڪڻ نه ڏينداسين. مملڪتي وزير چيو ته سيڪيورٽي فورسز ملڪ جي هر حصي مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهن، شهيد اس??ن جا هيرو آهن ان??ن جو خون رائيگان نه ويندو. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي ان واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي شهيدن جي بلند درجن لاءِ دعاڳو آهيون.