اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ??ين??ر ترين جج جسٽس عمر عط??بنديال 28هين چيف جسٽس آف پاڪستان طور پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي. ايوان صدر ۾ ٿيندڙ هڪ پروقار تقريب ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي کائنس حلف ورتو، تقريب ۾ وزيراعظم عمران خان خصوصي طور تي شرڪت ڪئي. جڏهن ته تقريب ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين?? پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر ڊاڪٽر نسيم فروغ، س??يت ٻين وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزير، پارليامينٽ جي ميمبرن، ججن، وڪيلن جي تنظيمن جي عهديدارن ۽ سول فوجي عملدار شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جسٽس عمر عط??بنديال چيف جسٽس جي طور تي مقرري جو نوٽيس به پڙهي ٻڌايو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپريم ڪورٽ جي ??ين??ر ترين جج جسٽس عمر عط??بنديال کي چيف جسٽس آف پاڪستان مقرر ڪيو ان جي مقرري جو نوٽيفڪيشن 2 فيبروري کا?? لاڳو هوندو، ان کا?? پهرين چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار حسين پهرين فيبروري تي پنهنجي ملازمت جي مدت پوري ڪرڻ کا??پوءِ رٽائر ٿي ويو هو.