اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ ريلوي، سيڪيورٽي، ترجيحي واپاري معاهدي، موسمياتي تبديلي سم??ت 8 مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن. وزيراعظم عمران خان ۽ ازبڪستان جو صدر شوڪت مرزايوف پڻ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن جي موقعي تي موجود هئا. پاڪستان ازبڪستان ايم او يوز جي حوالي سان جاري ڪيل گڏيل پڌرنامي موجب ازبڪستان جي قومي ٽيليويزن ۽ ريڊيو ڪمپني ۽ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي وچ ۾ ٽيليويزن ۽ ريڊيو براڊ ڪاسٽنگ جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي پاڪستان پاران اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جڏهن ته ازبڪستان جي ثقافت وا??ي وزير اوزود بيڪ نيزابيڪوف صحيحون ڪيون. ازبڪستان جي سياحت ۽ اسپورٽس وا??ي وزارت ۽ پاڪستان جي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي وا??ي وزارت جي وچ ۾ مذهبي زيارتن جي سياحت جي فروغ لاءِ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان پاران مذهبي معاملن وا??ي وفاقي وزير نورالحق قادري جڏهن ته ازبڪستان جي پرڏيهي معاملن وا??ي وزير عبدالعزيز ڪاميلوف صحيحون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبي ۾ تعاون تي مفاهمت جي ياداشت تي پاڪستان پاران وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي وا??ي خاص معاون ملڪ امين اسلم ۽ ازبڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ سيڙپڪاري ۽ پرڏيهي واپار وا??ي وزير سردار عمر زاڪوف صحيحون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ترجيحي واپاري معاهدي تي واپار وا??ي صلاحڪار عبدالرزاق دائود پاڪستان جڏهن ته سردار عمر زاڪوف ازبڪستان پاران صحيحون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڪيورٽي جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ روڊ ميپ تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. پاڪستا پاران قومي سلامتي وا??ي صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف جڏهن ته ازبڪستان جي سلامتي ڪائونسل وا??ي سيڪريٽري ويڪٽر مخمودوف صحيحون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ريلوي وا??ي وزارت ۽ ازبڪستان جي ٽر??نس??ورٽ وا??ي وزارت جي وچ ۾ پڻ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ٿيون. پاڪستان پاران پاڪستان ريلويز جي سيڪريٽري ۽ چيئرمين حبيب الرحمان گيلاني جڏهن ته ازبڪستان پاران ٽر??نس??ورٽ وا??ي وزير الخوم مخڪاموف صحيحون ڪيون. تاشقند سٽي ۽ اسلام آباد سٽي جي انتظاميا جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان پاران ايڊمنسٽريٽر ايم سي آئي حمزه شفقات جڏهن ته پاڪستان ۾ ازبڪستان جي سفير اوبڪ عثمانوف صحيحون ڪيون. ان ک??نس??اءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ازبڪستان جي علائقي سرخندريه ۽ پاڪستان جي خيبرپختونخواهه صوبي جي وچ ۾ تعاون تي مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان پاران خيبرپختونخواهه جي صنعت وا??ي سيڪريٽري ذوالفقار علي شاهه جڏهن ته ازبڪستان پاران پاڪستان ۾ ازبڪ سفير اوبڪ عثمانوف صحيحون ڪيون.