اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مخالف ڌر وڏي واڪي هارس ٽريڊنگ جو اعتراف ڪ??ي رهي آهي، اليڪشن ڪميشن ان جو نوٽيس وٺي. ملڪي سياسي صورتحال بابت هڪ بيان ۾ هن چيو آهي ته پيپلزپارٽي جمهوريت جي علمبردار بڻجي جمهوريت کي نقصان پهچائي رهي آهي، مخالف ڌر جو نه هڪ جهنڊو، نه هڪ نظريو ۽ نه ئي هڪ ايجنڊا آهي، مخالف ڌر جو هڪ نقاطي ايجنڊا صرف وزيراعظم عمران خان کي هٽائڻ آهي. هن چيو ته جيترو نقصان جمهوريت کي اڄ ٿي رهيو آهي تاريخ ۾ ڪڏهن ناهي ٿيو، منهنجي نظر ۾ چوڌري ڀائر دانشمند آهن، ا??ي مناسب وقت تي، درست فيصلو ڪندا، اڃان ڏسڻو آهي ته بي اعتماد جو اُٺ ڪهڙي طرف ويهي ٿو، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان هن وقت غير يقيني صورتحال جي سٽ سهي نٿو سگهي، ايم ڪيو ايم وا??ا اسان جا اتحادي آهن، پرڏيهي وزير چيو ته موجوده پيپلزپارٽي ۾ اها سوچ ناهي جيڪا ڀٽو دور ۾ هوندي هئي، پيپلزپارٽي تي هاڻي زرداري جا ڇاپ لڳي چڪي آهي، پيپلزپارٽي ۾ زرداري جي سوچ ۽ طور طريقو نظر اچي رهيو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته انهن ميمبرن کي ڊيڄاري نٿو سگهجي اهي فيصلن ۾ آزاد آهن، اندروني ۽ ٻاهرين سازشن جو قانون جي دائري ۾ ر??ي مقابلو ڪنداسين. پارٽي گڏجي فيصلو ڪندي ته صورتحال تي ڇا ??رڻو آهي، هن چيو ته ايترن ذميدارن ماڻهن جي غير ذميداراڻي گفتگو تي تعجب آهي، هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل ??و اجلاس آهي، اهي پاڪستان اچي رهيا آهن، هن چيو ته عمران خان تي دٻاءُ وجهڻ ۾ ا??ي ماڻهو ناڪام ٿيندا، عمران خان مقابلو ڪرڻ ڄاهي ٿو ۽ اسان ڪري ڏيکارينداسين. شاهه محمود قريشي چيو ته ميمبرز نمبر گيم تي قياس آرايون آهن، ڪنهن ميمبر جو جائز مسئلو آهي ته ان تي ضرور ڳالهه ڪنداسين، شاهه محمود قريشي چيو ته پارٽي کان منهن موڙيندڙ ميمبرن بابت اعتزاز احسن جو موقف وزن رکي ٿو، ميمبرن جون ٻوليون لڳائڻ، ٽڪيٽن جا وا??دا ڪرڻ غير مناسب آهي، ماضي ۾ ٽڪيٽن جي وا??دن کانپوءِ به منهن موڙيو ويو.