اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي ڪويت جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر شيخ احمد ناصر الحمد الصبا?? ٽيليفون ڪئي ۽ پرڏيهي وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ڪويت جي ٻطر??ي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ڪويت جا ڀائراڻا لاڳاپا مثالي آهن، پاڪستانين جو هڪ وڏو تعداد روزگار جي سلسلي ۾ ڪويت ۾ رهندڙ آهي ۽ هو ٻ??هي ملڪن جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا ??هن. هن چيو ته اسان ڪويت سان ٻطر??ي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون.