اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي عوام کي کاڄرو تيل جي فراهمي لاءِ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي، انڊو??يش??ا پاڪستان کي پام آئل فوري فراهم ڪ??دو?? 30 هزار ميٽرڪ ٽن کاڄرو تيل سان ڀريل پهريون ب??ري جهاز اڄ اڱاري ڏينهن پاڪستان روانو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي 10 جون تي انڊو??يش??ا جي صدر جو ڪو ويد ودو سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي پاڪستاني وفد انڊو??يش??ا جو دورو ڪيو ۽ انڊو??يش??ا جي واپار واري وزارت سان ڳالهيون ڪامياب ٿيون، کاڄرو تيل سان ڀريل 10 بحري جهاز ايندڙ ٻن هفتن ۾ انڊ??يش??ا ۽ ملائ??شي?? کان پاڪستان پهچندا، انڊو??يش??ا کان ڪل اڍائي لک ميٽرڪ ٽن کاڄرو تيل پاڪستان کي فراهم ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي صنعت ۽ پيداوار واري وزير سيد مرتضيٰ محمود انڊ??يش??ا جي هم منصب سان معاملا طئي ڪيا، پاڪستاني وفد جي درخواست تي انڊو??يش??ا جي واپار واري وزارت سڀني لاڳاپيل معاملن کي تيزي سان اڪلايو، 30 هزار ميٽرڪ ٽن کاڄرو تيل سان ڀريل پهريون ب??ري جهاز اڄ اڱاري تي پاڪستان روانو ٿيندو. انڊو??يش??ا جو دورو ڪندڙ وفد ۾ پاڪستان بناسپتي مينوفيڪچرز ايسوسيئيشن جو چيئرمين طارق الله صوفي ۽ تنظيم جو ميمبر رشيد جان محمد به شامل هئا.