اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگز??ب ممنوعه فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪم??شن جي فيصلي کي عمران خان جي ڏوهن جي تصديق قرار ڏيندي چيو ??هي ته چور، ڪوڙو ۽ مني لانڊر آخرڪار 8 سالن کانپوءِ پڪڙيو ويو، عمران خان ع??لمي مني لانڊر ثابت ٿي چڪو آهي، هو صادق ۽ امين نه آهي، پارٽي چيئرمين جي عهدي تان فوري طور تي استعيفيٰ ڏي، عمران خان پاڪستان جي خلاف غيرملڪي سازشي منصوبو هو ۽ آهي. پنهنجي ب??ان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ??ه عمران خان ڪوڙو ۽ جعلساز آهي، ان تي اليڪشن ڪم??شن مهر لڳائي ڇڏي آهي، عمران خان اسرائيل، ڀارت، آمريڪا، ڪئناڊا سميت ڪيترن ئي ملڪن کان ممنوعه فنڊنگ ورتي. هن چيو ??ه عمران خان غيرقانوني فنڊنگ سان پاڪستان ۾ فتنو برپا ڪيو. عمران خان ڄاڻي واڻي 351 غيرملڪي ڪمپنين ۽ 34 غيرملڪين کان فنڊنگ ورتي ۽ جعلي ۽ ڪوڙو حلفيه بيان جمع ڪرايو. هن چيو ??ه 13 غيرقانوني بئنڪ اڪائونٽس عمران خان پاڻ هلائيندو رهيو ۽ انهن کي اليڪشن ڪم??شن کان لڪائيندو رهيو. عالمي فراڊين خيرات جي نالي تي پئسا گڏ ڪيا ۽ جعلسازي ڪئي. عمران خان ڄاڻي واڻي پنهنجي 4 ملازمن طاهر اقبال، محمد نعمان افضل، محمد ارشد ۽ محمد رفيق جي نالي تي پئسا گهرايا. هن چيو ??ه چور ۽ مني لانڊر وڪيل بدلايا، اليڪشن ڪم??شن کان ڀڳو ۽ ڪيترائي ڀيرا ڪيس روڪڻ جي لاءِ پٽيشنز داخل ڪيون. هن چيو ??ه عمران خان ع??لمي مني لانڊر ثابت ٿي چڪو آهي. وفاقي حڪومت قانون موجب اليڪشن ڪم??شن جي فيصلي تي عملدرآمد ڪندي. هن چيو ??ه عمران خان ان چوري جي ڪري اليڪشن ڪم??شن تي حملا ڪري رهيو ??هي.