اسلام آباد -16 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جلال پور پير والا انٽرچينج تي ٿيل آئل ٽينڪر حادثي تي افسوس جو اظه??ر ڪندي، قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظه??ر ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته حادثي ۾ 20 قيمتي حياتين جي نقصان تي دلي ڏک ۽ صدمو پ??تو آهي، منهنجو دعائون ڏکويل ڪٽنبن سان گڏ آهن. وزيراعظم دعا ڪئ?? ته الله تعاليٰ مرحومن جا درجا بلند ڪري ۽ پونئرن کي صبر عطا فرمائي