اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان هڪ ڪالعدم تنظيم پاران ملڪ ۾ ٻوڏ بابت امدادي ڪمن بابت هڪ ڀارتي خابرو اداري پاران پنهنجي خبر ۾ هنيل الزامن کي رد ڪندي چيو ??هي ته اهو رڳو پاڪستان جي خلاف ڀارتي تعصب ۽ عالمي سطح تي ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ جي ڀارت جي مسلسل ڪوششن جو حصو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ائين پهريون ڀيرو ناهي ٿيو ته ڀارتي ميڊيا سياسي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ بي بنياد ۽ ههٿ ٺوڪيون خبرون پکيڙڻ جو مظاهرو ڪيو آهي. ترجمان چيو ته اها بدقسمتي ??هي ته عالمي برادري هڪ غيرمعمولي قدرتي آفت جي ڏس ۾ پاڪستان جي مدد ڪري رهي ??هي جڏهن ته ڀارتي ميڊيا جا ڪجهه ع??صر امدادي سرگرمين تي شڪ ۽ شبها پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان غيرمنافعو ڏيندڙ ۽ غيرسرڪاري تنظيمن پاران ٻوڏ بابت امدادي سرگرمين جي نگراني جي لاءِ مض??وط، ريگيوليٽري ۽ نگراني جو طريقيڪار ??وڙيو آهي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ سمورا لاڳاپيل ادارا ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ چوڪس آهن ته امدادي سرگرمين جي آڙ ۾ ڪا غيرقانوني سرگرمي نه ٿئي.