اسلام آ??اد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ انساني همدردي جي بنياد تي قائم فضائي رابطي جي تسلسل ۾ گڏيل عرب امارات مان ٽي امدادي اڏامون ??اڪستان پهچي ويون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب انهن مان هڪ اڏام جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي ۽ ٻه اڏامون ??ور خان ايئربيس راولپنڊي پهتيون. گڏيل عرب امارات مان مجموعي طور تي 29 اڏامون خوراڪ، طبي سامان ۽ خيما وغيره کڻي پاڪستان پهتيون آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان هن سنگين بحران جي گهڙيءَ ۾ حمايت ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻ تي گڏيل عرب امارات جي حڪوم?? ۽ ??وام جو ٿورائتو آهي.