مظفرآباد – 24 – آڪٽوبر (اي پ?? پي) آزاد ڪشمير جي 75 هين تاسيس ڏهاڙ?? جي موقعي تي گورنمينٽ پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج مظفرآباد ۾ تقريب منقعد ڪئي وئي، تقريب ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ، شاگردن ملي نغما، ترانو ۽ ڏينهن جي مناسب سان تقريرون ڪري وطن سان محبت جو اظهار ڪيو، تقريب ۾ ڪشمير جي آزاد?? جي لاءِ جان جاکوڙيندڙن کي خراج تحسين، جڏهن ته شهيدن جي لاءِ دعا ڪئي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي ادار?? جي پرنسپل پروفيسر ڊاڪٽر عبدالڪريم چيو ته اسان آزاد آهيون ۽ آزادي شعور ۽ ذميوار?? جي گهرج ڪري ٿي، هر هڪ کي پ??هنجون ذميواريون ادا ڪرڻيون پونديون، پنهنجي حصي جو ڪم ڪريو، ٻين تي تنقيد نه ڪريو، پنهنجو پاڻ کان پڇو ته توهان اڄ ڇا ڪيو، آزادي جا 75 سال خود احتسابي ۽ شڪر جا گهرجائو آهن، يوم تاسيس جي ان خصوصي پروگرام جو اهتمام تاريخ جي شعبي پاران ڪيو ويو ه??، تقريب جو ميزبان پروفيسر ملڪ عرفان هو، تقريب جي پ??رين حصي ۾ شاگردن ملي نغما، ترانا ۽ ڏينهن جي مناسبت سان تقريرون پيش ڪيون جڏهن ته تقريب جي ٻئي حصي ۾ پروفيسر اعجاز نعماني، پروفيسر هارون قريشي ۽ مرڪزي ايڪٽا جي صدر پروفيسر طارق سليم خطاب ڪيو.