شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي تعاون کي ??در جي نگاهه سان ڏسي ٿو، آءِ ايم ايف پروگرام کي پورو ڪيو ويندو. اهڙن خيال جو اظهار هن آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جورجيوا سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم جي ساڻس ملاقات موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ منعقد ڪوپ – 27 سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام کي پورو ڪنداسين، آءِ ايم ايف جي تعاون کي ??در جي نگاهه سان ??سو?? ٿا. هن چيو ته ٻوڏ متاثرين جي فوري مدد ۽ بحالي جي لاءِ بجيٽ ڪاٿن ۾ تبديلي آندي وئي آه??، ڪورونا ۽ عالمي ٻاڙائي کانپوءِ ٻوڏ جي صورتحال جا پاڪستان جي معاشي بحالي جي رفتار تي منفي اثر پيا آه??، عوام جي جان بچائڻ ۽ ٻوڏ متاثرين جي بحالي اولين ترجيح آه??. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڪوپ 27 ڪانفرنس موسمياتي انصاف ڏيارڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندي.