مصر – 09 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري ۽ فرانس جي پرڏيهي ??زير ڪيٿر??ن ڪولونا جي وچ ۾ مصر ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت گڏيل لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ??عاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر پڻ ان موقعي تي موجود هئي. پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري فرانس پاران پاڪستان جي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي مدد تي پرڏيهي ??زير ڪيٿر??ن ڪولونا جا ٿورا مڃيا. پاڪستان ۽ فرانس جي پرڏيهي ??زيرن موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏجي هلڻ تي اتفاق ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري فرانس جي صدر ايمانوئيل ميڪرون جي موسمياتي تبديلين سان مقابلي جي لاءِ قدمن کي پڻ ساراهيو. ان موقعي تي فرانسيسي پرڏيهي ??زير موسمياتي تبديلين سان مقابلي جي لاءِ پاڪستان جي عالمي امداد جي حوالي سان مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.