ڪراچي – 02 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سستي توانائي پا??ستان جي ضرورت آهي، ڊيمز جي تعمير ۽ متبادل توانائي جي منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پا??ستان کي سستي توانائي حاصل ڪرڻ سان اربين ڊالرن جي بچت ٿيندي، سي پيڪ جو منصوبو ويجهي ماضي ۾ پنهنجي پيدا ڪيل مشڪلاتن جي ڪري تعطل جو شڪار ٿيو، سي پيڪ منصوبن ۽ چيني ڪمپنين سان حصيداري وڌائينداسين، جنهن سان ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪي ٿري منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته سندس لاءِ ان منصوبي جو افتتاح ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي، ان منصوبي سان ملڪ ۾ توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته پا??ستان 27 بلين ڊالر جي پيٽروليم مصنوعات درآمد ڪري ٿو، جيڪو اسان جي لاءِ وڏي مالي مشڪلاتن جو سبب آهي، هن پلانٽ سان سستي توانائي حاصل ٿيندي، جيڪا پا??ستان جي وڏي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ پا??ستان کي اهڙا وسيلا مهيا ڪيا آهن ته اسان هائيڊل ۽ ٻين ذريعن سان سستي بجلي پيدا ڪري سگهون ٿا پر اسان ان سگهه کان گهٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته ديامير ڀاشا ۽ داسو ڊيم تعمير هيٺ آهن، انهن جي آپريشنل ٿيڻ ۾ وڌيڪ 4، 5 سال لڳندا، پا??ستان سج ۽ هوا مان سستي بجلي حاصل ڪري سگهي ٿو، ايندڙ سالن ۾ متبادل توانائي جي منصوبن مان سستي بجلي حاصل ٿيندي. هن چيو ته ٿر ۾ الله تعاليٰ اسان کي تمام گهڻن قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي، جيڪي اسان جي ايندڙ ڪيترن ئي سئو سالن جي ضرورت پوري ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهن ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. حڪومت متبادل توانائي جي منصوبن تي ڪم اڳتي وڌائيندي ته جيئن پيٽروليم مصنوعات جي مد ۾ خرچ ٿيندڙ اربين ڊالر بچي سگهن. وزيراعظم چيو ته ڪي ٿري منصوبي کي نواز شريف جي دور ۾ حتم?? شڪل ڏني وئي، اڄ اهو 1100 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيو آهي، ان تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ چيني دوستن سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي. هن چيو ته پا??ستان ۾ تازي ٻوڏ سان وڏي پئماني تي تباهي ٿي ۽ 30 ارب ڊالر جو معاشي نقصان ٿيو، ان صورتحال ۾ اسان چيني دوس??ن مان اميد ڪريون ٿا ته اهي في يونٽ قيمت ۾ گهٽتائي ڪندا. وزيراعظم چيو ته چشما فائيو جو معاهدو به جلد ٿيندو. پا??ستان ۽ چين بهترين دوست ۽ ڀائر آهن، گذريل 75 سالن دوران اسان جي دوستي وقت جي هر آزمائش تي پورو لٿي آهي ۽ هر قسم جي حالتن ۾ چين پا??ستان جو ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته 2015ع ۾ نواز شريف جي سربراهي ۾ سي پيڪ تحت اربين ڊالرن جي منصوبن تي صحيحون ٿيون، جنهن تحت اڄ هزارين ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي، ملڪ ۾ سي پيڪ تحت ٻيا ڪيترائي منصوبا به جاري آهن. وزيراعظم چيو ته پا?? چين دوستي هاڻي اڳئين مرحلي ۾ داخل ٿيندي. ويجهي ماضي ۾ سي پيڪ پنهنجي پيدا ڪيل مشڪلاتن سبب تعطل جو شڪار ٿيو. انڊسٽريل زونز ٺهڻا هئا جيڪي نه ٺهي سگهيا، هاڻي اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته انهن منصوبن کي اڳتي وڌايون، پشاور کان ڪراچي ريلوي جي ايم ايل ون منصوبي سان انقلاب ايندو. وزيراعظم پا??ستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي عملدارن، سائنسدانن، انجنيئرز ۽ اسٽاف کي منصوبي تي ڏينهن رات محنت ڪرڻ تي شاباس ڏني ۽ چيو ته اهي ڀرپور ساراهه جي لائق آهن. وزيراعظم چين سان حصيداري کي اهم قرار ڏيندي چيو ته وڌيڪ منصوبن جي شروعات ۽ پڄاڻي جي لاءِ چيني ڪمپنين سان معاهدا ڪيا ويندا. هن منصوبي تي ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين جي عهديدارن، انجنيئرز ۽ اسٽاف جا به ٿورا مڃيا ۽ دعوت ڏني ته گڏجي وڌيڪ منصوبن جي لاءِ اڳڀرائي ڪئي وڃي. بعد ۾ وزيراعظم ڪي ٿري آپريشنز روم جو دورو ڪيو، جتي کي?? منصوبي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي.