اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اردن ??ي شاهي خاندان جي دعوت تي ولي عهد حسين ??ي شادي ۾ شرڪت جي لاءِ اردن ۾ آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته اردن جي دوري کانپوءِ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عراق جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد حسين جي دعوت تي 5 کان 7 جون ??ائين عراق جو دورو ڪندو. اهو پرڏيهي وزير جو عراق جو پهريون ??ورو هوندو، دوري دوران پرڏيهي وزير عراقي قيادت سان ملاقات ڪندو. عراقي هم منصب سان ملاقات ۾ ڌريون گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون ۽ ٻطرفي تعاون ??ون ??اهون ڳوليندا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستاني زائرين جي سهولت جي لاءِ ڪربلا ۾ زائرين جي سينٽر جي قيام جو باضابطا اعلان ڪندو ۽ سفارتخاني جي ڪمپليڪس جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکندو. پرڏيهي وزير جي عراق جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعليم ??ي شعبي، ثقافتي تعاون ۽ ويزا جي سهولت بابت ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون ??ڻ متوقع آهن.