اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان آفريقي ملڪن سان پنهنجي ??اڳ??پن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، آفريقي ملڪن ۾ تازو ئي پاڪستان جا 5 سفارتخانا قائم ڪيا ويا آهن. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اهڙن خيالن جو اظهار اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني جي ا??تت??ح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني جي قيام ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڏامن جي شروعات ٻطرفن ??اڳ??پن جي فروغ جي سلسلي ۾ اهم سنگ ميل آ??ي. ??ن کان اڳ مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير مسگانو آريگا وفاقي گادي واري ??هر ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني جو ا??تت??ح ڪيو. ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير مسگانو آريگا چيو ته ايٿوپيا پاڪستان سان واپار ۽ سيڙپڪاري ??ميت سمورن شعبن ۾ ??اڳ??پن کي مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. مسگانو آريگا پاڪستان اچڻ تي شاندار استقبال جي لاءِ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ايٿوپيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڊگها ۽ پراڻا دوستاڻا ??اڳ??پا قائم آهن. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته اسلام آباد ۾ سفارتخاني جي ا??تت??ح سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي، سياسي، اقتصادي ۽ سماجي تعاون جي هڪ نئين تاريخ قائم ٿيندي. پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي سفير جمال بيڪر ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان سان ڀائراڻا ??اڳ??پا ايٿوپيا جي لاءِ فخر جوڳا آهن. ان کان اڳ مملڪتي وزير حنا رباني کر اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني جو ا??تت??ح ڪيو ۽ سفارتخاني ۾ ايٿوپيا جو جهنڊو ڦڙڪايو. ٻئي طرف پرڏيهي آفيس موجب ايٿوپيا جي سفارتخاني جو ا??تت??ح پاڪستان ۽ ايٿوپيا جي وچ ۾ گڏيل تعاون کي وڌائڻ ۽ اقتصادي، ثقافتي ۽ سفارتي ??اڳ??پن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو.