اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪشمير مسئلو ننڍي کنڊ جي ورڇ جي هڪ اڻ مڪمل ايجنڊا آهي، ڀارت جي وا??اريل ڪشمير کي پنهنجو حصو ثابت ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگ??ندي، هر پاڪستاني جي دل پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. وز??را??ظم پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ڀارت پاران ڪشمير تي ڪوڙي پروپئگنڊه ?? وا??اريل واديءَ ۾ تازي جي – 20 اجلاس گهرائي دنيا کي غلط تاثر ڏيڻ جي ڪڌي ڪوشش کي سڄي دنيا ۾ بي نقاب ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو. وز??را??ظم پرڏيهي وزير جي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي ۾ ڪشميرين جي امنگن جي ترجماني سان ڀرپور خطاب کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته ڪشمير مسئلو ننڍي کنڊ جي ورڇ جي هڪ اڻ مڪمل ايجنڊا آهي، ڀارت جي وا??اريل ڪشمير کي پنهنجو حصو ثابت ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگ??ندي، هر پاڪستاني جي دل پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي.