اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) خاتون اول بيگم ث??ين?? علوي خصوصي ماڻهن تي زور ڏنو آهي ته اهي معذوري سرٽيفڪيٽ ۽ نادرا جو خصوصي سڃاڻ?? ڪارڊ ضرور ٺهرائين، ان سان انهن کي حڪومتي اسڪيمن ۽ سهولتن مان فائدو کڻڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن معذورن جي حقن واري ڪائونسل سيڪريٽريٽ جي دوري جي موقعي تي ڪيو. خاتون اول کي معذورن جي حقن واري ڪائونسل جي مينڊيٽ ۽ خصوصي ماڻهن کي ڏني ويندڙ خدمتن باب?? ٻڌايو ويو. هن چيو ته خصوصي ماڻهن کي ون ونڊو آپريشن جي ذريعي معذوري سرٽيفڪيٽ ۽ نادرا جو خصوصي سڃاڻ?? ڪارڊ جاري ڪرڻ خوش آئنده آهي، خصوصي ماڻهو نادرا جو خصوصي سڃاڻ?? ڪارڊ ۽ معذوري سرٽيفڪيٽ ضرور ٺهرائين، ان سان حڪومتي اسڪيمن ۽ سهولتن مان فائدو کڻڻ ۾ مدد ملندي. بيگم ث??ين?? علوي چيو ته خصوصي ماڻهو پنهنجي ڪوٽا موجب سرڪاري نوڪريون حاصل ڪري سگهن ٿا، سڄي پاڪستان ۾ خصوصي ماڻهن جي چرپر آسان بڻ??ئڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي، بازارن، شاپنگ سينٽرز ۽ عوامي جاين تائين خصوصي ماڻهن جي پهچ وڌائڻي پوندي. خاتون اول چيو ته نجي شعبي ۾ خصوصي ماڻهن جي نمائندگي وڌ??ئڻ جي لاءِ ڪاروباري برادري جو تعاون ضروري آهي.