اسلام آباد -13 جون (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ بابت وفاقي وزير شازيه عطا مري چيو آهي، ته سامونڊي ??وف??ن کي نظر ۾ رکندي ??نڌ حڪومت 80 کان هڪ لک ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو آهي. صوبائي حڪومت عوام ج?? جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، تنهن هوندي به انهن کي پنهنجي تحفظ لاءِ پاڻ به موثر تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن. قومي اسيمبلي ۾ شازيه عطا مري چيو ته پاڪستان کي سامونڊي ??وف??ن سبب شديد خطرو آهي، اسان ان سوچ ويچار ۾ آهيون ته ڪيئن ماڻهن ج?? جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. ??نڌ حڪومت ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته سامونڊي ??وف??ن سبب بدين ۽ ٺٽي کي خطرو آهي، ڪراچي شهر ۾ ??وف??ن جي خطري کي نظر ۾ رکندي بل بو??ڊز هٽائڻ جو ڪم جاري آهي، 14 ۽ 15 جون تي وڏو خطرو کي سامهون هوندو. هن چيو ته ماڻهن کي حڪومتي هدايتن تي ??ملدرآمد کي يقيني بڻائڻ گهرجي، ??نڌ حڪومت 80 کان هڪ لک ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو آهي، عوام کي پنهنج?? جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ پاڻ به حفاظتي ??دبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته سامونڊي ??وف??ن سان بلوچستان کي به خطرو آهي، اسپيڪر کي به ماڻهن کي حڪومتي هدايتن تي ??ملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي تلقين ڪري.