پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلامي ترقياتي بئنڪ (آءِ ايس ڊي بي) جي صدر ڊاڪٽر محمد ا??جا??ر سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ آءِ ايس ڊي بي جي ??چ ۾ پراڻي تعاون ۽ رابطي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها ملاقات فرانس ۾ منعقد ٿيندڙ نئين عالمي مالياتي معاهدي جي لاءِ سربراهه اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم ۽ آءِ ايس ڊي بي جي صدر ??خت??ف جاري منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ تعاون جي نئين موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ منعقد ٿيندڙ ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان بابت عالمي ڪانفرنس ۾ آءِ ايس ڊي بي جي شرڪت تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران ڊاڪٽر ا??جا??ر جا ٿورا مڃيا. هن ڪانفرنس ۾ آءِ ايس ڊي بي جي پاڪستان جي ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۾ معاونت جي لاءِ 4.2 ارب ڊالر جي فراهمي جي اعلان کي ساراهيو. هن ان فراخدلاڻي مالي معاونت ۾ ڊاڪٽر ا??جا??ر جي ذاتي تعاون ۽ قائداڻي ڪردار کي تسليم ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آءِ ايس ڊي بي جي پاڪستان سان فائديمند حصيداري ملڪ جي عوام کي ان جي زندگين جي نئين سر تعمير ۽ روزگار ۾ مدد فراه?? ڪرڻ سان گڏوگڏ حڪومت جي پائيدار ترقي جا مقصد حاصل ڪ??ڻ ۾ مددگار ٿيندي. وزيراعظم ڊاڪٽر ا??جا??ر کي ملڪ ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري کي صحيح رخن تي قائ?? ڪرڻ ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن جي سمورن خدشن کي خت?? ڪرڻ جي لاءِ ون ونڊو حل فراه?? ڪرڻ جي لاءِ تازو ئي جوڙيل خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل بابت پڻ ٻڌايو. وزيراعظم آءِ ايس ڊي بي جي صدر کي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت جو پڻ ورجاءُ ڪيو.