اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان هواوي پاڪستان جي وفد چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر اٿان سن جي قيادت ۾ م??اق??ت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب اٿان سن نگران وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته هواوي پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ايڪو سسٽم جي ترقي ۽ فروغ جي حوالي سان ڪم ڪري رهيو آهي. ان سلسلي ۾ پاڪستان جي مختلف يونيورسٽين ۾سئو جي لڳ اڳ انفارميشن ٽيڪنالاجي مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. نگران وزيراعظم هواوي جي پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ترويج جي حوالي سان قدمن کي ساراهيو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته هواوي پاڪستان جي نوجوانن خاص طور تي ڏورانهن علائقن جي رهندڙن ۽ عورتن جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تربيت ج?? حوالي سان حڪومت ج?? معاونت ڪندو. هن هواوي جي پاڪستان ۾ آءِ ٽي ??عب?? ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي خواهش جي آجيان ڪئي. نگران وزيراعظم هواوي کي پاڪستان ۾ موبائيل فون سيٽس جي تياري جو پلانٽ هڻڻ جي پڻ صلاح ڏني. م??اق??ت ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر عمر سيف پڻ موجود هو.