اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان غ??ه ۾ جباليه پناهگير ڪئمپ تي اسرائيل جي وحشياڻي حملي جي شديد مذمت ڪندي ??ام شهرين جي وڌيڪ قتل ??ام کي روڪڻ جي لاءِ غيرمشروط جنگبندي جي فوري ضرورت تي پڻ زور ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته پاڪستان غ??ه ۾ جباليه پناهگير ڪئمپ تي اسرائيل جي وحشياڻي حملي جي شديد مذمت ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت درجنين ماڻهو فوت ۽ زخمي ٿيا آهن. ترجمان چيو ته اهو حملو غزه جي ماڻهن جي خلاف جنگي ڏوهن جي سلسلي جو تازو ترين واقعو آهي، هو ??ام شهرين کي وڌيڪ قتل ??ام کان بچائڻ جي لاءِ غيرمشروط جنگبندي جي فوري ضرورت تي پڻ زور ڏي ٿو. ترجمان چيو ته اسان عالمي برادري خاص طور تي اسرائيل جي حامين تي زور ڏي ٿو ته اهي حملن کي روڪڻ، غزه جو گهيراءُ ختم ڪرڻ، شهرين جي تحفظ ۽ انساني همد??دي??َ جي لنگهن جي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻي ته جيئن غ??ه جي محصور ماڻهن کي بنا رڪاوٽ امدادي سامان فراهم ڪري سگهجي.