اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) انساني حقن و??ري نگران وفاقي وزير خليل خارج چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع ڪشميرين لاءِ ڪارو ترين ڏينهن آهي. ڪشمير جو عوام گذريل 76 سالن کان ڀارت جي غاصباڻي قبضي ۾ آهي ۽ ان دوران لکين بيگناهه ڪشميري شهرين کي بدترين ظلم ۽ تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي. ڀارت ياد رکي ته ظلم ۽ ڏاڍ سان ڪشميرين جي حريت و??ري جذبي کي ختم نٿو ڪري سگهجي. ڪشميرين جي جدوجهد هڪ ڏينهن آزاديءَ جو پيغام کڻي ايندي. ڪ??ري ڏينهن جي موقعي تي ج??ري هڪ خصوصي پيغام ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته ڀارت طاقت جي ڏڍ تي هٿين خالي ڪشميري?? تي ظلم ڪري رهيو آهي ۽ ڪشميرين جي جدوجهد آزادي کي دٻائڻ لاءِ هر ڏينهن نوان حربا استعمال ڪري رهيو آهي. ڀارت طرفان 5 آگسٽ 2019ع جا قدم سلامتي ڪائونسل ۽ جنيوا ڪنوينشن جي کليل خلاف ورزي آهن. هن چيو ته ڪشميرين کي خوداراديت و??ري حق کان محروم رکڻ انهن کي بنيادي حقن کان محروم رکڻ آهي. عالمي برادري ۽ انساني حقن وارا ادارا ڪشميري?? تي ظلم خلاف ۽ کين آزادي ڏيارڻ ۾ مدد ڪن. هن چيو ته اسان ڪشميري عوام تي ڀارتي ڏاڍ ۽ ظلم جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا ۽ ڪشميرين جي خوداراديت و??ري حق جي ڪوششن جي خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا. پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشميرين جي خوداراديت و??ري حق جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي سطح تي حمايت ج??ري رکنداسين. مون کي اميد آهي ته انهن جون قربانيون ر??ئي??ان نه وينديون.