راولپنڊي-27 نومبر (اي پي پي) پاڪ فوج ج?? سربراهه جنرل سيد عاصم منير سان سعودي لينڊ فورسز جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل فهد بن عبدالعزيز المتائر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جا معاملا بشمول سلامتي ۽ دفاع جي شعبي ۾ سهڪار سميت ٻين معاملن تي غور ويچار ڪ??و ويو. پاڪ فوج ج?? سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ معزز مهمان آرمي چيف سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ علائقائي صورتحال جي روشنيءَ ۾ فوجي تربيت بابت به ڳالهيون ڪيون ويون. مهمان شخصيت دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پاڪ فوج ج?? ڪردار جي واکاڻ ڪئي ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام ??اءِ ڏنل قربانين تي خراجِ تحسين پيش ڪيو. آرمي چيف مهمان شخصيت جي آجيان ڪن??ي چيو ته سعودي عرب سان پاڪستان جا ويجها ناتا آهن، پاڪستان ??نه?? لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ان کان اڳ مهمان شخصيت جي جي ايڇ ڪيو آمد تي پاڪ فوج ج?? هڪ جٿي کيس سلامي پيش ڪئي.