اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ??اڪ?? سان خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) ارشد حسين ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه صوبي جي انتظامي معاملن ۽ امن امان جي صورتحال ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ??اڪ?? جسٽس (ر) ارشد حسين کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. نگران وزيراعظم نگران وڏي وزير جسٽس (ر) ارشد حسين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته هو صوبي ?? آزاداڻي ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ اليڪ??ن ڪميشن جي مدد ۾ پنهنجو آئيني ڪردار ڀرپور طريقي سان ادا ڪندو.