اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزارت ۾ سفيرن جي ??ن ڏينهن واري ڪانفرنس خميس ڏينهن شروع ٿي وئي. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ٿيندڙ سفيرن جي ڪانفرنس ۾ علائقائي نمائند?? سان گڏوگڏ اهم گادي وارن شهرن مان ??اڪستان جي سفيرن کي گهرايو ويو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ??وجب ڪانفرنس جي شروعات نگران ??رڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي افتتاحي خطاب سان ??يندي، نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اهم خطاب ڪندو. نگران ??رڏيهي وزير جليل عباس جيلاني اسلام آباد ۾ ٿيندڙ سفيرن جي ڪانفرنس جي اجلاس کي خطاب ڪندي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۽ عالمي ۽ علائقائي اڳڀرائي تي باقاعده بحث جي اهميت تي زور ڏنو. ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي رخن تي غور فڪر ۽ سفارشن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. سفيرن جي ڪانفرنس علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي جي ڏس ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي مختلف رخن تي تفصيلي بحث جي لاءِ گهرائي وڃي ٿي.