اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پاڪستان گڏيل ??وم?? جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڄم??ن ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق جي لاءِ جاري جدوجهد جي ڀرپور اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، عالمي برادري خاص طور تي گڏيل ??وم??ن پنهنجي واعدن تي عم?? ڪري ۽ ڄم??ن ۽ ڪشمير جي عوام کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جي حق کي اسعتما?? ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي، ڀارتي سپريم ڪورٽ جو تازو فيصلو ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق کي سلب ڪرڻ جي ڀارت جي خواهش جو هڪ ٻيو مظهر آهي. نگران پرڏيهي وزير خودمختياري جي حق جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 5 جنوري ڄم??ن ۽ ڪشمير جي عوام جي لاءِ هر سال خودمختياري جي حق جي ڏهاڙي طور ملهايو وڃي ٿو، 1949ع ۾ اڄ جي ڏينهن گڏيل ??وم?? جي هندستان ۽ ڀارت بابت ڪميشن (يو اين سي آئي پي) هڪ قرارداد منظور ڪئي هئي جيڪا ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ آزاداڻي ۽ منصفاڻي ريفرنڊم جي ضمانت ڏي ٿي ته جيئن ڪشميري عوام کي خودمختياري جي حق جو موقعو ڏئي سگهجي. هن چيو ته خودمختياري جو حق عالمي قانون جو هڪ بنيادي اصول آهي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته هر سال گڏيل ??وم?? جي جنرل اسيمبلي هڪ قرارداد منظور ڪندي آهي جنهن ۾ ماڻهن جي ان قانوني حق جي توثيق ڪئي وڃي ٿي ته اهي پنهنجي مقدر جو فيصلو پاڻ ??ند??. اها قرارداد غيرملڪي قبضي جي صورت ۾ ماڻهن جي خودمختياري جو حق حاص?? ڪرڻ جي واضح حمايت ڪري ٿي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ڪشميري عوام ان فتح نه ٿيڻ جوڳي حق کي استعمال نه ڪري سگهي. جليل عباس جيلاني چيو ته ڪشمير هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪراري علائقو آهي ۽ ڀارت پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير تي پنهنجي قبضي کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کڻي رهيو آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدم کانپوءِ ڀارت جي ڪوششن جو مقصد آبادياتي ۽ سياسي تبديلين کي عمل ۾ آڻڻ آهي ته جيئن ڪشميرين کي انهن جي پنهنجي سرزمين تي هڪ بي اختيار ڪميونٽي بڻايو و??ي. ??گران پرڏيهي وزير چيو ته ڀارتي سپريم ڪورٽ جو تازو فيصلو ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق کي سلب ڪرڻ جي ڀارت جي خواهش جو هڪ ٻيو مظهر آهي، ڀارت ڪشميرين کي انساني حقن جي منظم خلاف ورزين جو نشانو به بڻائي رهيو آهي، هن والاريل ڪشمير ۾ اختلاف راءِ کي ڪچلڻ جي لاءِ خوف جو ماحول قائم ڪري رکيو آهي. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري خاص طور تي گڏيل ??وم??ن پنهنجي واعدن تي عم?? ڪري ۽ ڄم??ن ۽ ڪشمير جي عوام کي گڏيل ??وم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جي حق جو استعما?? ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي، ان کي انساني حقن جي خلاف ورزين کي فوري بند ڪرڻ ۽ ڪشميري عوام جي حقن ۽ بنيادي آزادين جي بحالي جو پڻ مطالبو ڪرڻ گهرجي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته پاڪستان گڏيل ??وم?? جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڄم??ن ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق کي حاص?? ڪرڻ جي لاءِ انهن جي جدوجهد جي پنهنجي ڀرپور اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.