اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات?? نشريات ۽ پارلياماني معاملن و??ري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ملڪ کي درپيش ??ئل??نجز ۽ مسئلن جي حل جي لاءِ قومي سطح تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ کي سياسي ورڇ ۽ معاشي مشڪلاتن جهڙا ??ئل??نجز درپيش آهن، اميد آهي ايندڙ چونڊيل حڪومت انهن مسئلن ۽ ??ئل??نجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪندي. اليڪشن ڪميشن جي ڪوريج ڪندڙ صحافين سان مانجهاندي جي موقعي تي غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن و??ري نگران وفاقي وزير چيو ته حڪومت دهشتگردي جي ??ئل??نج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته ملڪ کي درپيش ??ئل??نجز ۽ مسئلن جي حل لاءِ اهل قيادت جي چونڊ ضروري آهي، اميد آهي 8 فيبروري جي چونڊن کانپوءِ جي??ا به چونڊيل حڪومت ايندي اها ملڪ ۽ عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪندي. هن چيو ته نگران حڪومت آئين تحت ڪم ڪري رهي آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته جي??ا ذميواري اسان کي ملي آهي ان کي بهتر طريقي سان سرانجام ڏيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ليول پليئنگ فيلڊ جي شڪايت هر هڪ کي آهي، مسلم ليگ (ن) کي سنڌ ۾ ۽ پيپلزپارٽي کي پنجاب ۾ ليول پليئنگ فيلڊ جون شڪايتون آهن، جي يو آءِ سميت ڪيتريون ئي ٻيون پارٽيون به ليول پليئنگ فيلڊ جي گلا ڪري رهيُون آهن. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.