اسلام آباد – 31 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته سئنيما ثقافت ۽ ب??دا??ت جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪ??دا?? ادا ڪري سگهي ٿي، پا??ست??ن ۽ قازقستان جي وچ ۾ مستقبل ۾ تعاون جا روشن امڪان موجود آهن. اها ڳالهه هن پا??ست??ن نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس (پي اين سي اي) ۾ قازقستان جي سفارتخاني پاران قازخ فلم “Kazakh Khanate” جي اسڪريننگ جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي. قومي ورثي ۽ ثقافت وارو نگران وفاقي وزير جمال شاهه ۽ پا??ست??ن ۾ قازقستان جو سفير يرزان ??ست??فين پڻ تقريب ۾ موجود هئا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير پا??ست??ن ۾ قازقستان جي سفير يرزان ??ست??فين ۽ نگران وفاقي وزير جمال شااهه جا ٿورا مڃيندي چيو ته هن فلم “Kazakh Khanate” جي اسڪريننگ جي موقعي تي کيس گهرايو. هن چيو ته ثقافت واري نگران وفاقي وزير جمال شاهه ??ان بهتر ڪير به سئنيما جي عڪاسي نه ٿو ڪري سگهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير سئنيما جي ذريعي ثقافت کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته پا??ست??ن ۽ قازقستان جي وچ ۾ ثقافتي لاڳاپن جي فروغ ۾ اطلاعات واري وزارت ۽ قومي ورثي واري وزارت قازقستان جي سفارتخاني سان هر ممڪن تعاون ڪندي. هن چيو ته اسان جي آڏو وڏا چئلينج موجود آهن جن مان هڪ عدم ب??دا??ت آهي، عدم ب??دا??ت جي ڪلچر جي خاتمي جي لاءِ اسان کي ثقافت ۽ ادب جي ذريعي ماڻهن جي سوچ بدلائڻ جي ضرورت آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ثقافت جي فروغ ۾ سئنيما ??ڪ خاص مقام رکي ٿي ان لاءِ اسان کي سٺي سئنيمائن کي فروغ ڏيڻو پوندو. هن چيو ته قازقستان وڌيڪ پري نه آهي، ان جي سرزمين جاگرافيائي ۽ ثقافتي لحاظ ??ان اسان سان ڳنڍيل آهي. پا??ست??ن ۽ قازقستان جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ روشن مستقبل آهي ۽ مون کي يقين آهي ته اڄ هتي قازقستان جي فلم ماڻهن کي پسند ايندي، هڪ سکڻ جو تجربو ۽ اسان جي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين پهچائڻ نقطه آغاز هجڻ گهرجي.