اسلام آباد – 26 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ??يڇ اي سي يونيورسٽي ۽ ڊگري پروگرامن مان پاڪستان اسٽڊيز سميت ڪنهن به خاص پروگرام کي خارج ناهي ڪيو، ??يڇ اي سي اهڙو ڪو فيصلو ناهي ڪيو. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر مشتاق احمد جي سوالن جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته انڊر ??ري??وئيٽ پاليسين ۾ شامل سموريون شقون رڳو گهٽ ۾ گهٽ جي سطح تي تجويز ڪيون ويون آهن، خودمختيار يونيورسٽيون پنهنجي لاڳاپيل قانونن تحت ڪم ڪري رهيون آهن. ڪورسز ۽ ڊگري پروگرامن ۾ وڌيڪ پختگي جو اضافو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته هايئر ايجوڪيشن پاران تازو ئي انڊر ??ري??وئيٽ تعليمي پاليسي ۾ ذڪر ٿيو آهي ان ۾ عمومي ڪورس جي هڪ سيٽ جو تصور سمورن انڊر ??ري??وئيٽ پروگرامن جي لاءِ تجويز ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ان پروگرام ۾ نظريه پاڪستان ۽ پاڪستان اسٽڊيز تي هڪ ڪورس م??عا??ف ڪرايو ويو آهي، شاگرد پاڪستان اسٽڊيز جي اڳوڻي علم جي بنياد تي ان ۾ وڌيڪ بهتري ڏسندا ۽ انهن پروگرامن ۾ پاڪستان اسٽڊيز پاڪستان جي آئين جي موضوعن جو امتزاج آهي، ڄاڻايل ڪورس انهن پروگرامن جو متبادل نه آهي پر انهن ٻنهي پروگرامن ۾ پاڪستان اسٽڊيز ۽ نظريه پاڪستان جو امتزاج شامل آهي. هن چيو ته نظريه پاڪستان ۽ پاڪستان اسٽڊيز بابت ??يڇ اي سي لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت ڪري رهي آهي ۽ انڊر ??ري??وئيٽ ايجوڪيشن (يو جي اي) پاليسي تحت پاڪستان اسٽڊيز جو ٻه ڪريڊٽ آور جو پروگرام تيار ڪيو ويندو.