لاهور-26 فيبروري (اي پي پي) ??عي??م ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته معيشت جي بهتريءَ لاءِ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن کي هٿي و??رائڻي پوندي، نوجوانن کي فني مهارتن جي تربيت ڏياري معاشري جو ڪارآمد شهري بڻائي سگهجي ٿو. نگران حڪومت مختصر عرصي ۾ تعليم کي هٿي و??رائڻ لاءِ روڊ مي?? تيار ڪري ايندڙ حڪومت لاءِ آساني پيدا ڪري ڇڏي آهي. اهڙو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن (نيو ٽيڪ) ۽ پنجاب اسڪلز ڊولپمينٽ فنڊ (پي ايس ڊي ايف) وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪرڻ جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ان يادداشت جو مقصد پٺتي پيل طبقي جي ترقيءَ لاءِ هڪ ڪوشش ڪرڻ ۽ نوجوانن کي ملڪي ۽ پرڏيهي سطح تي هنرمند ۽ باصلاحيت بڻائڻ آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته معيشت جي بهتريءَ لاءِ روايتي بجاءِ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن کي هٿي و??رائڻي لاءِ پوندي. هن چيو ته يونيورسٽين کي معياري تعليم سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ نگران حڪومت هر ممڪن وسيلا استعمال ڪيا. ايندڙ حڪومت لاءِ هڪ روڊ مي?? ڇڏي وڃي رهيا آهيون. اميد آهي ته ايندڙ حڪومت ان روڊ مي?? تي عمل ڪري تعليم جي بهتريءَ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. ان موقعي تي نيو ٽيڪ جي چيئرپرسن سميت ٻين به خطاب ڪيو.