اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور ايئرپورٽس جي آئوٽ سورسنگ بابت اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن و??ري وفاقي وزير، قانون، انصاف ۽ انساني حقن و??ري وزير (ٽيليفون تي) شر??ت ڪئي. هوابازي و??ري وزارت پاران ج??ري پڌرائي موجب ان کانسواءِ هوابازي و??ري وزارت ۽ قانون ڊويزن و??ري ڊويزن جي سيڪريٽريز، هوابازي، پرڏيهي معاملن واري، ناڻي و??ري وزارت جي سينيئر سرڪ??ري عملدارن ۽ ڪنٽري ڊائريڪٽر انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن (آءِ ايف سي) پڻ شر??ت ڪئي. ڪنٽري ڊائريڪٽر آءِ ايف سي هوائي اڏن جي آئوٽ سورسنگ جي منصوب?? تي هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي جو ذڪر ڪيو ۽ ڪميٽي کي ٻڌايو ته امڪاني سيڙپڪارن سان مسلسل رابطي جي ڪيترين ئي ڪوششن جا مثبت نتيجا برآمد ٿيا آهن ۽ نئين سياسي حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪ??ري جي لاءِ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيو آهي. ان مقصد تحت قطر، گڏيل عربا مارات، جرمني، ترڪيه، نيدرلينڊ، ملائيشيا ۽ مقامي ڪمپنين جي عالمي واڪ ڏيندڙن واڪ جمع ڪرائڻ جي مدي ۾ توسيع جي درخواست ڪئي آهي. پرڏيهي وزير ان اهم منصوبي جا ڪامياب نتيجا حاصل ڪرڻ جي لاءِ اقتصادي سفارتڪ??ري ۽ تيز رفتار عمل جي ذريعي مصروف سيڙپڪارن کي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي آهي. دلچسپي رکندڙ واڪ ڏيندڙن جي درخواستن تي غور ڪندي ۽ آءِ ايف سي جي ڀرپور سفارش جي بنياد تي ڪميٽي واڪ جمع ڪرائڻ جي تاريخ کي 60 ڏينهن جي لاءِ وڌائي 15 مئي 2024ع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي وزير کي يورپ ۽ برطانيا جي لاءِ پي آءِ اي جي اڏامن جي بحالي جي حوالي سان هيستائين جي اڳڀرائ?? تي وڌيڪ بريفنگ ڏني وئي ۽ ان اڳڀرائي جو نوٽيس وٺندي هن اقتصادي سفارتڪ??ري جي نئين اختيار ڪيل حڪمت عملي ۽ برطانيا ۽ يورپي يونين ۾ رهندڙ پاڪستانين سميت وسيع تر عوامي مفاد ۾ پرڏيهي آفيس پاران مڪمل سفارتي تعاون جي خاطري ڪرائي.