اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن ۽ ٻارن جي سزائن ۾ انساني همدرديءَ جي بنياد تي خصوصي ڇوٽ جو اعلان ڪيو آهي. ايوان صدر جي ??ريس ونگ پاران جاري بيان موجب سزا ۾ ڇوٽ 2 سال يا ان کان گهٽ ??رص?? جي ??اءِ سزا يافته عورتن ۽ ٻارن تي لاڳو هوندي، ڇوٽ سزا مڪمل ٿيڻ ۾ 2 سال کان گهٽ ج?? عرصو رهجي ??يندڙ عورتن ۽ ٻارن تي پڻ لاڳو هوندي. بيان موجب سزا ۾ گهٽتائي قتل، جاسوسي، رياست مخالف سرگرمين، اغوا، چوري، ڦر جي ڏوهارين تي لاڳو نه ٿيندي، گهٽتائي زنا آرڊيننس، دهشتگردي جي خاتمي، غيرملڪي ماڻهن ۽ نشي آور مواد جي ڪنٽرول ايڪٽ تحت سزا يافته ڏوهارين تي لاڳو نه هوندي. صدر سزائن ۾ گهٽتائي جي ??نظوري آئين جي آرٽيڪل 45 ۽ رولز آف بزنس تحت ڏني آهي.