اسلام آباد– 27 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار کي بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني ٽيليفون ڪري پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪب??د ڏني. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان بحرين لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌائڻ جي مختلف رخن جو جائزو ورتو. وزيرن ٻطرفي سياسي مشاورت ۽ گڏيل وزارتي ڪميشن جي جلد اجلاس جي ذري??ي پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ اداراجاتي تعاون کي فعال ڪري ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو.