??سل??م آباد– 04 – اپريل (ا?? پي پي) صدر آصف علي زرداري سان پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زائيڊونگ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ دهشتگرد?? تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ دهشتگردي جي خاتمي جي شعبي ۾ تعاون ۽ انٽيلي جنس شيئرنگ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ۽ چيني سفير ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ??ي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي. ان موقع?? تي صدر چيو ته پاڪستان مختلف منصوبن تي ڪم ڪندڙ پنهنجي چيني ڀائرن جي سيڪيورٽي ي??يني بڻائڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻندو.