اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ ملڪ گير مهم کي تيز ڪرڻ، ملوث نشاندهي ٿيل آفيسرن کي عهدن تان فوري طور تي هٽائڻ ۽ محڪماڻي ڪارروائي ڪرڻ، سمورن لاڳاپيل ادارن کي هڪ ٻئي ??ان تعاون، اسمگلرن ۽ منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث ماڻهن کي مثالي سزا ڏيارڻ، ان حوالي ??ان ضروري قانونسازي ۽ کنڊ جي مڪمل طور تي اسمگلنگ روڪڻ جون هدايتون ڪيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ اسمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي ??ان اعليٰ سطح جو جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان مان اسمگلنگ جي پاڙ کان خاتمي جو پختو عزم رکان ٿو، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي اسمگلنگ ۾ خاتمي جي لاءِ حڪومت ??ان مڪمل تعاون تي ان کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اسمگلنگ، ذخيره اندوزن ۽ انه?? جي سهولتڪار آفيسر?? جي فهرست تيار ڪري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ صوبن کي فراهم ڪئي وئي آهي. وزيراعظم نشاندهي ٿيل آفيسرن کي عهدي تان فوري طور تي هٽائڻ ۽ محڪماڻي ڪارروائي، سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انٽيلي جنس ادارن کي اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ هڪ ٻئي ??ان تعاون، اسمگلرن ۽ منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث ماڻهن کي قرار واقعي ۽ مثالي سزا ڏيارڻ ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت کي ان حوالي ??ان فوري طور تي ضروري قانونسازي جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۽ قوم جو پئسو ڦريندڙن ۽ انه?? جي سهولتڪارن کي قطعي طور تي ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڏني ويندي، سرحدي علائقن ۾ اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ نوجوانن کي متبادل روزگار جي موقعن ۽ ڪاروبار جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪيو وڃي، اف??ان ٽرانزٽ ٽ??يڊ جي شي?? جي پاڪستان ۾ وڪري ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ا?? جي مانيٽرنگ کي تيز ۽ موثر ڪيڳو وڃي. وزيراعظم ڪسٽم عملدارن کي اف??ان ٽرانزٽ ٽ??يڊ کي مانيٽر ڪندڙ سسٽم جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم قومي سطح تي منشيات جي استعمال جي جان?? جي لاءِ سروي جي لاءِ فوري طور تي فنڊ جاري ڪرڻ ۽ کنڊ جي مڪمل طور تي اسمگلنگ روڪڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي اسمگلنگ، اف??ان ٽرانزٽ ٽ??يڊ جي غلط استعمال، منشيات، کاڌي پيتي جي شين بشمول کنڊ، ڪڻڪ، ڀاڻ، پيٽروليم مصنوعات، غيرقانوني هٿيار?? جي حوالي ??ان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي اف??ان ٽرانزٽ ٽ??يڊ جي حوالي ??ان اي ڊي خوا??ه جي سربراهي ۾ قائم جاچ ڪميٽي جي رپورٽ پڻ پيش ڪئي وئي. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سمورين ڌرين ??ان مشاورت کانپوءِ قومي اسمگلنگ جي خاتمي بابت اسٽريٽجي حتمي مرحلن ۾ آهي جنهن کي منظوري جي لاءِ جلد پيش ڪيو ويندو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٻه ڏينهن اڳ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽمز جي گڏيل ڪارروائي ۾ مستونگ ۾ اسمگلنگ جي گودام تي ڇاپو هنيو ويو آهي جنهن ۾ ضبط ٿيل اسمگل شي?? جي ماليت اٽڪل 10 ارب رپين کان وڌيڪ آهي. وزيراعظم اف??ان ٽرانزٽ ٽ??يڊ جي ناجائز استعمال ۽ ا?? جي آڙ ۾ اسمگلنگ ڪندڙ عنصرن ۽ انه?? جي سهولتڪار آفيسر?? جي نشاندهي تي اي ڊي خوا??ه جي سربراهي ۾ ڪميٽي جي رپورٽ کي ساراهيو ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اسمگلنگ جي خاتمي جي ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن سيد محسن رضا نقوي، ڄام ڪمال خان، احد خان چيما، راڻا تنوير حسين، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، اعظم نذير تارڙ، ايف بي آر چيئرمين، اٽارني جنرل، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انٽيلي جنس ايجنسي?? جي اهلڪارن ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.