بيجنگ – 14 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ چائنا انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي (سي آءِ ڊي سي اي) جي چيئرمين لوزائو هو سان مانجهاندي تي ملاقات ??ئي. ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين پاڪستان خاص طور تي گوادر جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ سي آءِ ڊي سي اي جي مختلف منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي. پرڏيهي آفيس موجب ان موقعي تي نيو گوادر عالمي هوائي اڏي جي ترقي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسحاق ڊار چيو ته نيو گوادر عالمي هوائي اڏي جي هن سال مڪمل ٿيڻ ۽ افتتاح جي ??مي?? آهي. هن پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪن ۾ ترقياتي منصوبن جي لاءِ چين جي حمايت ۾ سي آءِ ڊي سي اي جي اهم ڪردار کي ساراهيو. سي آءِ ڊي سي اي جي چيئرمين منصوبن کي جلد لاڳو ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته منصوبن کي جلد لاڳو ڪ??ڻ سان سي پيڪ جي اپ گريڊ ورزن جي گڏيل ويزن ??ي فروغ ملندو.