آستانه – 03 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ازبڪستان جي صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخي لاڳاپن، واپار، رابطن، دفاع، سلامتي، ثقافت، عوام جي سطح تي رابطن ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي يقين ظاهر ڪيو آهي ??ه ترجيحي واپاري م??اهدي ۽ پاڪستان ازبڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ ??ي عملي جامعو پارائڻ سان ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??ران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف جي وچ ۾ قازقستان ۾ منعقد ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي ??جلاس جي موقعي تي ملاقات ٿي. وزيراعظم ۽ ازبڪستان جي صدر پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ گهڻ رخي لاڳاپن، واپار، رابطن، دفاع، سلامتي، ثقافت ۽ عوام سان عوام جي رابطن ۾ گڏيل لاڀائتي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ??ڳواڻن اتفاق ڪيو ته ازبڪستان خطي جي ملڪن جي لاءِ واپار جي توسيع جي حوالي سان هڪ ٽرانزٽ پوائنٽ آهي. ٻنهي ??ڳواڻن ان حوالي سان دستياب مختلف آپشنز جي جانچ شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان کانسواءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي وڌائڻ جي لاءِ ڪراچي پورٽ کي ترمز سان ڳنڍڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف هڪ خوشحال وچ ايشيا ۽ وڌندڙ علائقائي رابطن جي لاءِ پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي ??ڳواڻن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ترجيحي واپاري م??اهدي ۽ پاڪستان ازبڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ ??ي عملي جامعو پارائڻ سان ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. ٻنهي ??ڳواڻن افغانستان جيڪو خطي جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ حصيدار ٿي سگهي ٿو، جي صورتحال ۽ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي لاءِ پاڪستان ۽ ازبڪستان ٻنهي ??ي گڏيل عزم تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ازبڪستان– افغانستان– پاڪستان ريلوي منصوبي جي جلد تڪميل تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.