اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??سا?? نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا آهن، بجيٽ ۾ آءِ ٽي جي شعبي جي فروغ جي لاءِ اٽڪل 100 ??رب، اسڪلز ڊولپمينٽ ۽ راندين جي شعبي جي لاءِ پڻ تاريخي فنڊز رکيا ??يا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ينگ پارليامينٽرينز جي وفد پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن راجا ??سا??ه سرور، بئريسٽر عقيل ملڪ، بئريسٽر دانيال چوڌري، احمد عتيق انور، نوشين افتخار، راڻا ارادت شريف خان، محمد عثمان اويسي، عمار احمد خان لغاري، ڊاڪٽر شائسته خان، زينب بلوچ، سعد وسيم، شاهد عثمان شامل هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف وفد سان ڳالهائيندي چيو ته الله تعاليٰ توهان کي عوام جي خدمت جو موقعو فراهم ڪيو آهي، اميد آهي ته توهان ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪندا، ??سا?? نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا آهن. هن چيو ته قابل شاگردن کي حڪومت پاران ليپ ٽاپس فراهم ڪيا ??يندا، بجيٽ ۾ آءِ ٽي جي شعبي جي فروغ جي لاءِ اٽڪل 100 ??رب جا فنڊز رکيا ??يا آهن جيڪو تاريخي قدم آهي، اسڪلز ڊولپمينٽ ۽ راندين جي شعبي جي لاءِ پڻ تاريخي فنڊز رکيا ??يا آهن. وزيراعظم چيو ته حڪومت نوجوانن کي روزگار جا ڀرپور موقعا فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي اسڪلز ڊيولپمينٽ جي لاءِ ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي، حڪومتي ادارن ۾ سڌارن ۽ رياستي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري حڪومت جون ترجيحون آهن جنهن سان ملڪي خزاني تي بار گهٽ ڪري سگهبو. هن چيو ته پاڪستان فلسطين جي مظلوم مسلمانن جي اخلاقي ۽ سفارتي جاري رکي آهي. ملاقات ۾ لا??اپيل تڪن جي معاملن ۽ ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.