اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي، ته زرعي شعبي ۾ مسلسل جدت ۽ تر??ي پاڪستان جي معاشي ??ست??ڪام لاءِ اڻٽر آهي. انهن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن جي نم??ئنده فلورنس رولي سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ فوڊ سيڪيورٽي ۽ زرعي تر??ي بابت معاملا غور هيٺ آيا. وفاقي وزير چيو ته زراعت جي تر??ي پاڪستان جي گهڻن معاشي مسئلن جو حل آهي، زراعت ملڪ ۾ خوشحالي، غذائي تحفظ ۽ سماجي اقتصادي تر??ي لاءِ وڏي اهميت رکي ٿي. زرعي شعبي ۾ مسلسل جدت ۽ تر??ي پاڪستان جي معاشي ??ست??ڪام لاءِ اڻٽر آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن جو ڪردار حوصلو ڏيندڙ آهي. زراعت جي تر??ي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت آبادگارن جي سهولت لاءِ ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا آهن، جديد فصلن جي پيداوار جي حوالي سان آبادگارن جي سگهه کي وڌائڻ لاءِ انهن جي رهنمائي جي ضرورت آهي. رانا تنوير حسين چيو ته ايف اي او زراعت جي تر??ي ۽ پيداوار تي موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ رهنمائي مهيا ڪري سگهي ٿو. ان موقعي تي ڳالهائيندي فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن جي نم??ئنده فلورنس رولي چيو ته فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن پاڪستان ۾ زرعي شعبي کي اڳيان وڌائڻ لاءِ پنهنجو سهڪار جاري رکندو، پاڪستان ۾ آبادگارن ۽ تحقيق ڪندڙن جي صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته زرعي شعبي ۾ موسمياتي تبديلي جا اثر گهٽ ڪرڻ لاءِ ٻين اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون.