ڪراچي-19 آگسٽ (اي پي پي) سامونڊي معاملن وار?? وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ملڪ جي بندرگاهن جي موثر استعمال ۽ صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي ضر??رت تي زور ڏنو آهي. اها ڳالهه سومر ڏينهن مقامي هوٽل ۾ لاجسٽڪس، ميري ٽائم افيئرز ۽ بليو اڪانومي جي موضوع تي منعقد هڪ ڏينهن واري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ??يو ته بندرگاهن جو موثر استعمال ڪرڻ جي ضر??رت آهي ته جيئن ملڪي م??يش?? کي مستحڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪي روانگي واپار ۾ به اضافو ڪري سگهجي. وفاقي وزير ??يو ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ (ڪي پي ٽي) ۽ پورٽ قاسم (پي ڪيو) ۾ وڌيڪ صلاحيت موجود آهي. هن ??يو ته بندرگاهن جي گهرائي ??ڌائڻ لاءِ ڊريجنگ جي سهولت فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ان سان اسان جي مٽا سٽا واري ناڻي جي بچت ٿيندي. وفاقي وزير ??يو ته سمورن ڪارگو هينڊلنگ ڪي پي ٽي ۾ ڪرڻ ۽ پوءِ هتان کان ننڍن جهازن ۾ ڪارگو گوادر ۽ پورٽ قاسم موڪلڻ جي تجويز قابل عمل آهي. ان کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيند?? وفاقي وزير ??يو ته حڪومت سيڙپڪاري جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي ۽ سيڙپڪارن کي ان مان فائدو کڻڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته پاڪستان جون سموريون بندرگاهون فعال آهن ۽ ڪنهن به بندرگاه کي بند نه ڪيو پيو وڃي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته هر ڪنهن کي ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو جنهن سان م??يش?? جو استحڪام ۽ ملڪ جي ترقي ۾ مدد ملندي.