لاهور-21 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز ايران ۾ پاڪستاني زائرين جي بس جي افسوسناڪ حادثي ۾ قيمت?? انساني جاين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن جاري ڪيل پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن فوتين جي ڪٽنبن سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ايران ۾ بس حادثي ۾ فوت ٿيل پاڪستاني زائرين جي خاندانن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهيان، ان افسوسناڪ خبر سڄي ملڪ کي ڏکوئي ڇڏيو آهي، ڏک ج?? ان گهڙي ۾ متاثر خاندانن سان گڏ آهيان. هن دعا ڪئي الله تعالي فوت ٿيلن کي جنت ??لف??دوس ۾ اعليٰ جاءِ عطا فرمائي ۽ سوڳوار خاندانن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق ڏئي. هن فوتين جي بلند درجن ۽ زخمين جي جلد صحيتابي لاءِ به دعا ڪئي.