اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي صحت بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار ڀرٿ جي خاص هدايت تي پمز اسپتال لاءِ ??يڇ وي اي سي منصو??ي جي پي سي ون منظور ڪئي وئي آهي. ڪالهه جاري ڪيل پنهن??ي هڪ بيان ۾ ڊاڪٽر مختار چيو ته 1700 ٽن ??يڇ وي اي سي جي گنجائش 2500 ٽن تائين وڌائي وئي. هن چيو ته منصو??ي جي پي سي ون منظور ٿي وئي آهي، جڏهن ته ان منصوبي تي 1654 ملين رپيا لاڳت ايندي ۽ 6 مهينن اندر منصوبو مڪمل ٿيندو. هن چيو ته صحت جي شعبي ۾ بهتري لاءِ سڌارن جو سلسلو جاري آهي. گرمين جي موسم ۾ مناسب ڪولنگ سسٽم نه هئڻ سبب ??ريضن کي ڏُکيائيون درپيش آهن، انهن قدمن سان گرمي جي موسم ۽ سياري ۾ گرمي پد معتدل رهندو. هن چيو ته عوام جي بهتري ۽ اسپتالن ۾ جديد سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي رهيا آهيون، سرڪاري اسپتالن جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جو پختو عزم ڪيو آهي.