اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اس??اق ڊار سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪست??ن ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهري ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. هن سعودي عرب جي 94 هين قومي ڏينهن جي موقعي تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم مختلف عالمي پليٽ فارمز تي پاڪستان جي لاءِ سعودي عرب جي اڻٿڪ حمايت کي س??را??يو. سعودي عرب جي سفير پاڪست??ن ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي لاءِ ملڪ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.