اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر ??حم?? اسحاق ڊار ساموا ۾ دولت مشترڪه انٽرجنريشنل ڊائيلاگ ميٽنگ ۾ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ تي زور ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ساموا ۾ منعقد دولت مشترڪه جي انٽرجنريشنل ڊائيلاگ ۾ نائب وزيراعظم سينيٽر ??حم?? اسحاق ڊار هڪ ريزيلنٽ ۽ شموليت تي ٻڌل دولت مشترڪه جي جوڙجڪ ۾ نوجوانن جي قيادت جي اهميت کي اجاگر ڪيو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار اهڙو پليٽ فارم فراهم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم تي زور ڏنو جيڪ نوجوانن کي قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ بااختيار بڻائي. ??حم?? اسحاق ڊار ان ڏس ۾ پاڪستان ۾ پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جهڙن قدمن جو ذڪر ڪ??و جنهن لکين نوجوانن کي تعليم، روزگار ۽ مشغوليت ۾ مدد فراهم ڪئي آهي. هن نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن جو خاڪو پڻ پيش ڪ??و جنهن ۾ ڪامن ويلٿ يوٿ پروگرام ميمورڊن آف انڊر اسٽينڊنگ تي نظرثاني ۽ ڪامن ويلٿ ايش??ا يوٿ الائنس جي شروعات شامل آهي. نائب وزيراعظم چيو ته نوجوان نه رڳو ايندڙ سڀاڻي جا اڳواڻ آهن پر اڄ پاليسي سازي ۾ فعال طور تي حصو وجهي رهيا آهن، هن ڪلائميٽ ايڪشن ۽ ڊيجيٽل اختراع جا ادارا هلائڻ ۾ نوجوان اڳواڻن جي تعاون کي ساراهيندي دولت مشترڪه جي اڳواڻن تي زور ڏنو ته اهي نوجوانن کي هڪ مضبوط، وڌيڪ پائيدار مستقبل جي تعمير جي لاءِ حصيدارن جي طور تي اختيار ڪن ۽ دولت مشترڪه ڪميونٽي جي لاءِ پائيدار اڳڀرائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ م??لسل انٽرجنريشنل تعاون کي جاري رکن.