اسلام آباد _28 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ، نجڪاري ۽ مواصلات واري وفاقي و??ير عبدالعليم خان سعودي عرب جي سيڙپڪاري با??ت نائب و??ير ابراهيم المبارڪ سان وڊيو لنڪ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون. سومر ڏينهن تي ٿيل ورچوئل ملاقات ۾ سعودي وفد جي تازي پاڪستان جي دوري جي روشني ۾ سيڙپڪاري جي معاملن کي اڳتي وڌائڻ جو جائزو ورتو ويو .وفاقي و??ير سعودي سيڙپڪاري بابت و??ير خالد بن عبدالعزيز الفالح جي مثبت جواب جي آجيان ڪئي . اجلاس ۾ مختلف شعبن ۾ ٿيندڙ پاڪ – سعودي جوائنٽ وينچرز ۽ ايم او يوز تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سعودي اخت??ار??ن وفاقي سيڙپڪاري واري و??ير کي 25 ۽ 26 نومبر تي سعودي جي ايڪسپو ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني . وفاقي و??ير چيو ته سعودي عرب سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ هر ممڪن تعاون کي يقيني بڻايو ويندو . هن چيو ته سعودي و??ير خالد بن عبدالعزيز الفالح جي دوري جي روشني ۾ سيڙپڪاري کي تڪميل تائين پهچائينداسين. عمل جوڳي قدمن سان سيڙپڪاري جي ايجنڊا کي مڪمل ڪيو ويندو . اجلاس ۾ سعودي اخت??ار??ن سيڙپڪاري جاري رکڻ تي دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ سيڙپڪاري لاءِ فالو اپ اجلاس جاري رکڻ ۽ عملي نتيجو آڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو. سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير احمد فاروق پڻ وڊيو لنڪ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي،وفاقي سيڪريٽري ۽ نجڪاري ڪميشن واري سيڪريٽري پڻ ورچوئل اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.