اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) اليڪ??ن ڪميشن آف پاڪستان ملڪ ۾ چونڊ نظام جي جينڊر شموليت لاءِ هڪ جامع فريم ورڪ جو اعلان ڪيو آه??. ج??نڊر ۾ اسٽريمنگ اينڊ سوشل انڪلوزن فريم ورڪ (جي ايم ايس آءِ ايف) 2024ع کان 2028ع تائين عمل جوڳو هوندو. اڱاري ڏينهن اليڪ??ن ڪميشن طرفان جاري بيان موجب اليڪي??ن ڪميشن جي سيڪريٽري عمر حميد خان ان موقعي تي چيو ته هي فريم ورڪ ايشيا پيسفڪ خطي ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون منصوبو آهي جيڪو چونڊ عمل ۾ مڪمل جينڊر ۽ سماجي شموليت تي ٻڌل آهي. ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل جينڊر ونگ نگهت صديق وضاحت ڪئي ته ان منصوبي جو بنيادي مق??د عورتن، اقليتن، معذور ماڻهن ۽ کدڙن فقيرن لاءِ چونڊ عمل کي وڌ کان وڌ شموليتي ۽ پهچ تائين بڻائڻ آهي. ان فريم ورڪ ۾ چونڊ قانونن، پاليسين، طرز عمل جي جائزي ۽ ??رم??من وارا قدم شامل آهن. ان لاءِ اڪيڊيميا، پارليامينٽ، اليڪ??ن ڪميشن جي عملي ۽ عورتن جي سياسي حقن بابت تنظيمن سان وسيع پيماني تي صلاح ڪئي وئي آهي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪستان ۾ ڪل ووٽرن ۾ عورتن جو انگ 46 سيڪڙو آهي. اليڪ??ن ڪميشن جو مق??د پنهنجي انتظامي ڍانچي ۾ جينڊر ۽ سماجي شموليت جي اصولن کي مضبوط ڪرڻ آهي. ڪنٽري ڊائريڪٽر آءِ ايف اي ايس شبير احمد ان اهم قدمن تي اليڪ??ن ڪميشن کي مبارڪون پيش ڪيون.