اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اس??اق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ڪي??رن ئي قانونسازي، اداراجاتي ۽ پاليسي قدمن جي ذريعي انساني حقن جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم اڳڀرائي ڪئي آهي ۽ هو عالمي انساني حقن جي فريم ورڪ تحت پنهنجي ذميوارين کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان انساني حقن جي عالمي منشور (يو ڊي ايڇ آر) کي اختيار ڪرڻ جي 76هين س??لگرهه جي موقعي تي اڄ انساني حقن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ ۾ عالمي برادري سان شامل آهي. نائب وزيراعظم چيو ته هي ڏينهن عالمي برادري جي انساني وقار جي احترام ۽ ان کي برقرار رکڻ ۽ بنا ڪنهن فرق جي انساني حقن جي ايجنڊا کي فروغ ڏيڻ جي گڏيل عزم جي علامت آهي. هن چيو ته انساني حقن جي ڏينهن جي لاءِ هن س??ل جو عنوان ”اسان جا حق، اس??ن جو مستقبل، هاڻي“ والاريل فلسطيني علائقن کان وٺي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تائين سڄي دنيا جي لکين ماڻهن جي لاءِ لاڳاپيل آهي جيڪي خودمختياري جي حق لاءِ پنهنجي منصفاڻي جدوجهد جاري رکي آهي ۽ اهي قبضي ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جو شڪار آهن. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ اسلامو فوبيا ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو امتيازي قانونن، پاپولسٽ سياست ۽ زينو فوبڪ بيانيي جي ڪري ٿيو آهي جيڪو عالمي برادري جي لاءِ به هڪ چئلينج آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪي??رن ئي قانونسازي، اداراجاتي ۽ پاليسي قدمن جي ذريعي انساني حقن جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم اڳڀرائي ڪئي آهي ۽ هو عالمي انساني حقن جي فريم ورڪ تحت پنهنجي ذميوارين کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ انساني حقن جي طريقيڪار سان تعميري طور تي مصروف عمل آهي. هن چيو ته ان ڏينهن پاڪستان نسل، مذهب، جنس يا قوميت کان هٽي ڪري سمورن ماڻهن جي بنيادي حقن ۽ آزادين کي يقيني بڻائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو.