استنبول-15 ڊسمبر (اي پي پي)سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ شام ۾ ڦاٿل پاڪستاني شهرين جي بيروت رستي فوري واپسي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي لبنان جي قيادت جو ٿورو مڃيندي چيو آهي ته و??ير??عظم شهباز شريف جي ڪال تي لبنان جي و??ير??عظم فوري ايڪشن وٺندي شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي فوري سهولت فراهم ڪئي جنهن سان اسانجي لاڳاپن جي مضبوطي ظاهر ٿئي ٿي، پاڪستان لبنان سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. استنبول ۾ لبنان جي اطلاعات ??اري وزير ميڪيري سان ملاقات دوران ڳالهائيندي عطاالله تارڙ لبنان جي علائقائي سالميت ۽ امن قائم ڪرڻ جي حوالي سان حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي و??ير??عظمن وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي وطن واپسي جو رستو ه??وا?? ڪيو جنهن تي لبنان جي حڪومت جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ لبنان وچ ۾ ڀائراڻا ۽ گرمجوشي تي ٻڌل لاڳاپا آهن، پاڪستان لبنان سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. وفاقي وزير چيو ته سموري پاڪستاني قوم ان ڏکئي وقت ۾ لبنان جي عوام سان گڏ ب??ٺل آهي. ان موقعي تي لبنان جي اطلاعات ??اري وزير چيو ته پاڪستان هر ڏکئي وقت ۾ لبنان جو ساٿ ڏنو. هن چيو ته جنگ سبب متاثر لبنان جي عوام لاءِ امدادي سامان موڪلڻ تي و??ير??عظم شهباز شريف ۽ پاڪستان جي حڪومت جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جي مضبوطي ان ڳالهه مان ظاهر ٿئي ٿي ته ڏکئي وقت ۾ پاڪستان لبنان جي عوام جي امداد ڪئي. هن چيو ته بيروت ايئرپورٽ تي پاڪستانين جو وڏو انگ ڏسي خوشي ٿي ته اهي وطن واپس موٽي ره??ا آهن. لبنان جي اطلاعات ??اري وزير ٻه طرفا لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.