اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) ڏيهي توڙي پرڏيهي فضائي آپريشنز ۾ وڏي پيماني تي واڌ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت ڪويت، بحريه، دوحه سميت ??ما?? ۽ جده لاءِ نيون عالمي اُ??امون آپريشن ۾ شامل ڪيون ويون آهن. پي آءِ اي ڪارپوريٽ ڪميونيڪيشن ڊويزن موجب اندرون ملڪ اُ??امن ۾ ڪراچي ۽ـ پشاور وچ ۾ هفتيوار وڌيڪ اُ??امن سان ملڪي نيٽ ورڪ کي واڌ ڏني وئي آهي. ڪراچيءَ کان پشاور لاءِ ٽين هفتيوار اُ??ام 25 جنوريءَ کان شيڊول جو حصو بڻجندي. پي آءِ اي لاهور کان ڪويت لاءِ به هفتيوار ٻه طرفيون اُ??امون 25 جنوريءَ کان بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح لاهور کان ??ما?? لاءِ نيون هفتيوار ٻه اُ??امون 22 جنوريءَ کان شروع ٿينديون. قومي ايئر لائن جي سيالڪوٽ کان بحرين لاءِ هفتيوار اُ??ام 20 جنوري کان جڏهن ته سيالڪوٽ کان دوحه لاءِ نئين ٻه طرفي هفتيوار اُ??ام جي شروعات 21 جنوريءَ کان ٿيندي. فضائي آپريشن ۾ واڌو اُ??امون سيالڪوٽ کان جده لاءِ 20 جنوريءَ کان هلايون وينديون. پي آءِ اي پنهنجن مسافرن جي سهولت کي نظر ۾ رکندي ملڪ اندر توڙي ٻاهر آسان رسائي سميت رابطن کي جوڙڻ لاءِ اهڙن قدمن جو سلسلو مستقبل ۾ به جاري رکندي.